پير پڌرو

پير پڌرو: هيءُ بزرگ تعلقي جيڪب آباد جي ڳوٺ ڊاڊ دڙي ۽ ريلوي اسٽيشن چانگ جي ڀرسان دفن ٿيل آهي. 1942ع ۾ جڏهن ضلعي جيڪب آباد ۾ وڏي ٻوڏ آئي ته سمورا علائقا ٻڏي ويا پر پير پڌري واري قبر ۽ ان جي آسپاس وارو وڏو علائقو پاڻيءَ کان بچيل رهيو. حالانڪه اتي ڪو دڙو وغيره به ڪو نه هو. پير پڌري جي عرس لاءِ ڊاڊ دڙي جي سيدن مان سيد عبدالمجيد شاهه ۽ سيد لطف علي شاهه، هر سال مارچ مهيني ۾ وڏي پيماني تي ميلو منعقد ڪرائيندا رهن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو